ڪرپٽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته استعيفيٰ ڏيندس: ممتاز چانگ

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنجاب اسيمبلي ميمبر ممتاز چانگ ڪچي ۾ ڪرپٽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ممتاز چانگ ايوان ۾ ڪچي واري علائقي ۾ ڪرپٽ ايس ايڇ اوز ۽ ڊي پي اوز خلاف ثبوت پيش ڪندي چيو ته اسان هتي ڇولا وڪڻڻ نه آيا آهيون، عوام جو آواز بڻجڻ چاهيون ٿا. اهڙن ماڻهن خلاف اينٽي ڪرپشن ۽ آءِ بي وٽ به رپورٽون آهن. ڪچي ۾ هزار اهلڪار آهن پر چيڪ پوسٽ تي هڪ به ناهي، ڪرپشن جي بازار گرم آهي، ڪجهه نه ڪيو ويو ته اسان کي ڀوڳڻو پوندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *