ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن جي پلي بارگين بعد کين اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٺٽي جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جي نيب خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب سندس اصيل کي تنگ ڪري رهي آهي، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. نيب عدالت کي آگاهي ڏني ته غلام مصطفيٰ لنڊ ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪئي، جنهن پلي بارگين تحت ڪجهه رقم واپس به ڪئي هئي ۽ پوءِ باقي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري عدالت پهتو آهي. نيب جي اهڙي آگاهي تي چيف جسٽس احمد علي شيخ درخواستگذار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هن ڪيس ۾ وڏيون گهوٻيون آهن، اسان چيف سيڪريٽري کي طلب ڪنداسين. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت کي اطلاع آهن ته پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ آفيسرن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي. عدالت پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ آفيسرن جي مقررين بابت ايندڙ ٻڌڻي تي جامع رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.