ڪرپشن ڪيس ۾ مفرور سرڪاري ملازمن کي معطل ڪيو ويندو: چيئرمين اينٽي ڪرپشن علم الدين بلو

ڪراچي(هه آ) .اينٽي ڪرپشن چيئرمين علم الدين بلو جي صدارت ۾ سکر ۽ ميرپورخاص زون جي ڇهن ضلعن جي ڪارڪردگي بابت اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ميرپورخاص ۽ سکر جي اينٽي ڪرپشن زون جي ڪيسن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيئرمين اينٽي ڪرپشن علم الدين بلو چيو ته ڪرپش ڪيسن ۾ مفرور سرڪاري ملازمن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيلن کاتن کي خط لکي ڪرپشن ڪيسن ۾ مفرور سرڪاري ملازمن کي معطل ڪرائي سندن پگهارون به روڪرايون وينديون. چيئرمين اينٽي ڪرپشن وڌيڪ چيو ته عدالتن ۾ ڪيسن ۾ ملزمان کي سزائون نه ٿيون ٿين جنهن سان عوام ۾ اينٽي ڪرپشن جو تاثر سٺو نٿو وڃي هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪيسن ۾ ماهراڻي انداز ۾ پيروي ڪري ملزمان کي سزائون ڏياريون وڃن. علم الدين بلو وڌيڪ چيو ته ڪيسن ۾ وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي 31 ڊسمبر تائين انڪوائرين کي مڪمل ڪيو وڃي  ۽ ڪنهن آفيسر سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. پر ملوث ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جن ڪيسن ۾ آڊيٽر جي ضرورت هجي ته اجازت گهري آئي بي اي سکر کان لوڪل آڊيٽر جي خدمت حاصل ڪئي ويندي. چيئرمين اينٽي ڪرپشن چيو ته سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ۾ چيلهه جي هڏي آهن، ڊپٽي ڊائريڪٽر سرڪل آفيسرن جي نگراني ڪن. غير تسلي بخش ڪارڪردگي تي سرڪل آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ اينٽي ڪرپشن عثمان غني صديقي ٻنهي زونن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيس ڪئي ۽ چيو ته سکر زون جي 4 ضلعن ۾ 2017 ۾ 458 درخواستون مليون ۽ 22 ڪيس جڏهن ته 59 اوپن انڪوائرين جو آغاز ڪيو ويو. سکر زون ۾294 مفرور ملزمان مان 33 مفرور ملزمان کي گرفتار ڪيو. عثمان غني صديقي اجلاس کي ٻڌايو ته ميرپورخاص زون جي 3 ضلعن  ۾ 2017 ۾ 347 درخواستون مليون ۽ 9 ڪيس جڏهن ته 39 اوپن انڪوارين جو آغاز ڪيو ويو. ميرپورخاص زون ۾ 9 مفرور ملزمان 2 مفرور ملزمان کي گرفتار ڪيو. اجلاس کان پوءِ مختلف سرڪل آفيسرن کي نيون گاڏيون به ڏنيون ويون. اجلاس ۾ اسپيشل سيڪريٽري خالد چاچڙ، ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ عثمان غني صديقي، ڊائريڪٽر انڪوائريز فيصل بشير ميمڻ، ڊائريڪٽر، ڊپٽي سيڪريٽري منصور علي وساڻ، ڊائريڪٽر ليگل عبدالحنان شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير علي عباسي، سکر ۽ ميرپورخاص جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ سرڪل آفيسرن سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *