ڪرپشن خلاف تحريڪ تحريڪ هوا ۾ اڏندڙ حڪمرانن کي عوام وچ ۾ آڻي ڇڏيو: سراج الحق

لاهور (م ڊ): امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي جي ڪرپشن خلاف تحريڪ هوائن ۾ اڏندڙ حڪمرانن کي جي ٽي روڊ تي عوام جي وچ ۾ آڻي بيهاريو آهي، هاڻي ضرورت آهي ته احتساب جو اهو عمل هڪ خاندان تائين محدود نه رهي پر پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث 346 لٽيرن ۽ بينڪن کان قرض وٺي هڙپ ڪندڙن کي به سپريم ڪورٽ احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ۽ پرڏيهي بينڪن ۾ ڦرلٽ ۽ چوري ڪيل قومي دولت کي ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، لٽيل قومي ناڻي جا 375 ارب ڊالر ملڪ ۾ اچي وڃن ته عوام کي تعليم، صحت ۽ ڇت جون سهولتون مفت ڏئي سگهجن ٿيون ۽ لکين بيروزگار نوجوانن جي لاءِ روزگار جو انتظام ٿي سگهي ٿو، سراج الحق چيو ته اوورسيز پاڪستاني ساليانو ٻاويهه ارب ڊالر ڪمائي ملڪ ۾ اماڻيندا آهن، 2018 جي چونڊن ۾ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق نه ڏنو ويو ته اهي چونڊون اڻپوريون هونديون، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ ۽ پرڏيهه ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ جماعت اسلامي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿاريندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *