ڪرپشن جي پئسي تي لعنت ٿو وجهان، ووٽ جي عزت ڪنداسين ۽ ڪرائينداسين: نواز شريف

فيصل آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪنهن ٺيڪي ۾ هڪ رپيو به نه ورتو، ڪرپشن جي پئسي تي لعنت ٿو وجهان، ووٽ جي عزت ٿيندي ته ملڪ جا مسئلا حل ٿيندا. فيصل آباد ڀرسان سمندري ۾ چوڌري شريف جي ورسي جي حوالي سان تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، عدالت ۾ روز ڪوڙ بي نقاب ٿي رهيا آهن، اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، هر زيادتي ۽ ناانصافي جو مقابلو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ووٽ جي عزت نه ڪندڙن خلاف قوم اٿي بيهندي، ڇا بي عزتي ۽ بي توقيري جا فيصلا عوام کي منظور آهن؟ اسان ووٽ جي عزت ڪنداسين ۽ ڪرائينداسين. هن چيو ته اسان بجلي بحران ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، دهشتگردي کي ختم ڪيوسين، ملتان کان ڪراچي تائين موٽر وي ٺهي رهيا آهن، مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي. نواز شريف چيو ته ڪنهن کي به ملڪ خلاف ظلم نه ڪرڻ ڏينداسين، هي ملڪ ڪنهن جي جاگير ناهي، هيءَ جيڪڏهن جاگير آهي ته عوام جي آهي، اسان سڀني کي پنهنجا جائز حق ڏيارينداسين. 27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *