ڪرپشن جو خاتمو تڏهن ٿيندو، جڏهن جنرل ۽ جج لاءِ به هڪجهڙو قانون هوندو: بلاول

غذر (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي سياست منافقت تي ٻڌل آهي، عمران خان چئي ٿو ته گلگت بلتستان کي عارضي صوبو بڻائيندو، عمران خان توهان پاڻ عارضي وزيراعظم آهيو ته عبوري صوبو ڇا ٺاهيندئو.غذر ضلعي جي تعلقي ياسين جي ڳوٺ طائوس ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پ پ جو منشور گلگت بلتستان جي ماڻهن جو منشور آهي، اسان جو منشور ڪنهن جي اشاري تي نه ٺهيو.هن چيو ته پ پ گلگت بلتستان جي عوام کي حق ڏياريندي، 15 نومبر اسان جي ۽ توهان جي امتحان جو ڏينهن آهي، اهي عام چونڊون نه پر هڪ ريفرنڊم آهي، اسان چونڊون کٽينداسين ۽ ڪير نه چوندو ته اهو سازش جو نتيجو آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاشي ۽ مواصلاتي معاهدي سان گلگت بلتستان ۾ ترقي جي شروعات ٿي هئي، سي پيڪ منصوبو گلگت بلتستان ۽ گوادر جي ڪري مليو پر سي پيڪ تحت گلگت بلتستان جي ماڻهن کي اڃا تائين حصو نه مليو، گلگت بلتستان جا ماڻهو پ پ سان گڏ آهن.پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جي سياست منافقت تي ٻڌل آهي، هن ڪشمير جو سودو ڪيو آهي، وزيراعظم عوامي طاقت کان ڊنل آهي، هن 100 ڏينهن ۾ تبديلي جو واعدو ڪيو، هاڻ چئي ٿو تبديلي سوئچ ناهي جو آن ڪيو وڃي، جيستائين جنرل ۽ جج لاءِ به هڪ جهڙو قانون نه هوندو ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *