ڪرين نيٽ ورڪ جيڪب آباد ۽ سي ڊي ايف جي تعاون سان ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي ريلي

جيڪبب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد: سماجي تنظيم سول ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ڪرين نيٽ ورڪ جيڪب آباد ۽ سي ڊي ايف جي تعاون سان ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد خلاف ھڪ احتجاجي ريلي شھيد الله بخش سومرو پارڪ کان ڪڍي وئي ريلي ۾ شھر جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي ڌرين سميت نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھتي جتي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن خادم اوڍاڻو، گل بليدي، دلمراد لاشاري، نديم بھراڻي، شعبان ابڙو، محمد امين کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد ۾ ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي تشدد ڪيسن ۾ قبيلائي اثر رسوخ استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب متاثرين ۽ انھن جي خاندان کي جرڳي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪب آباد ۾ صرف ھڪ ڪيس جو ٽرائل ٿيو جڏهن ته بقايا ڪيس عدالت کان ٻاهر جرڳائي نظام ذريعي حل ڪرايا ويا جيڪو رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر آهي مظاھرين مطالبو ڪندي چيو ته ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ٺھيل قانونن جي اطلاق کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٻارڙن خلاف جنسي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. جڏهن ته ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پڻ نينگري فضيلا سرڪي ڌاڙيلن جي قيد ۾ گذاريو، نينگري فضيلا سرڪي گذريل ساڍن ٻارهن ورهين کان ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي، جنهن کي انتظاميه بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي جي لاءِ سندس وارثن پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي،ڪالهه ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پڻ نينگري جي والد عبدالرزاق سرڪي ٺل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،ان موقعي تي عبدالرزاق سرڪي ميڊيا کي ٻڌايو ته عيد هجي يا والدين جو عالمي ڏهاڙو،يا مائرن جو عالمي ڏهاڙو يا ٻارن جو عالمي ڏهاڙو اسان سدائين نينگري جي ياد ۾ گذاريندا آهيون،ساڍا 12 سال گذري وڃڻ جي باوجود انتظاميه اسان جي نينگري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،رڳو خالي ڏٽا ۽ آسرا ڏنا پيا وڃن،هن چيو ته جيڪب آباد ضلعي جي نئين آيل ايس ايس پي بشير احمد بروهي اسان جي ڪابه مدد ناهي ڪئي،نينگري جي ڪيس کي انتظاميه بند ڪري ڇڏيو آهي،اسان ڪيترائي دفعا اختيارين وٽ دانهيو پر ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو،هن مطالبو ڪيو ته منهنجي نينگري جي ڪيس ۾ گهربل سرڪي جوابدارن ڪريم بخش،قادر بخش، الله ورايو ۽ بابو سرڪي کي پهريان گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وڃي ۽ منهنجي نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *