خيرپور ( رپورٽ : شاهد نواز سيال ) ڪرونڊي لڳ ھڪ ئي ڳوٺ ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻھو هلڻ فرڻ کان لاچار ، هٿ پير ڦري ويا ، الهه تلهه کپائي علاج ڪرائڻ باوجود ڪو به فائدو نه پيو سرڪاري سطح تي ڊاڪٽرن جي ڪا به ٽيم نه پهتي چونڊيل نمائنده به لڙي نه آيا لاچار بڻيل ڳوٺاڻا ڪنهن مسيحا جا منتظر ساڳي بيماري ۾ ڳوٺ جا 100 کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿي چڪا خبر موجب ڪرونڊي لڳ يونين ڪائونسل ننگر خان شر جي قديمي ڳوٺ گوندائي پاتو ۾ پراسرار بيماري منهن ڪڍيو، ڳوٺاڻن جي جسم جا عضوا ڦري ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا ڳوٺ جا 25 کان وڌيڪ مرد عورتون توڙي نوجوان هن بيماري ۾ ورتل آهن بيماري سبب ڳوٺاڻا هلڻ فرڻ کان لاچار بڻيل آهن غربت آهر هنن پنهنجو علاج ڪرايو آهي تنهن باوجود ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي سرڪاري سطح تي هنن جو ڪو به علاج نه ٿيو آهي نه ئي ڪا سرڪاري سطح تي صحت کاتي جي ٽيم هنن وٽ پهتي آهي ڳوٺ ۾ هڪ محمد اعظم پاتو سندس ماء صغران زال بڪر النساء نوجوان نياڻي نسيم اختر به بستري تي پيل آهن هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي لاچار هئڻ ڪري انهن جو گذر سفر توڙي علاج مشڪل بڻيل آهي ، جڏھن ته ساڳي ئي ڳوٺ ۾ بادشاه زادي ، شهميران سبز علي . محمد شهمير ۽ سندس ڀاء مظھر الدين پاتو . شفيع محمد ۽ سندس گهر واري بائزه خاتون به کٽ تي پيل آهن بيماري سبب ڳوٺاڻن کان خوشيون به ڪهين دور ترسيل آهن سڄو ڏينهن روئيندا رهن ٿا بيماري ۾ مبتلا ماڻھن جو چوڻ آهي ته اسان صحيح گهمندڙ فرندڙ هئاسين پر بعد ۾ 20 کان 22 سالن جي عمر ۾ بيماري ٿي ۽ اسان معذور بڻجي وياسين هنن چيو ته شروعات ۾ جسم جي مختل عضون ۾ سور ٿئي ٿو. چيلهه ڪم ڪرڻ ڇڏي وڃي ٿي ، يا وري رڳون ڪم ڪرڻ ڇڏي وڃن ٿيون بعد ۾ هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وڃون ٿا هنن چيو ته اسان الهه تله کپائي مختل شهرن نوابشاهه . خيرپور سکر گمبٽ لاڙڪاڻو پڪاچانگ ڪرونڊي مان علاج ڪرايو آهي پر ڪو به فائدو نه ٿيو آهي جڏھن ته ساڳي بيماري ۾ ڳوٺ جا محمد ھاشم ، امير علي ، مولا دين . لکمير امام خاتون . عباس علي . عبدالستار ، محمد عباس . افضل . اقرار . ساران ،نوران سميت ڳوٺ جا 100 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا فوت ٿي چڪا آهن هتان جي ڳوٺاڻن نوشاد علي راڄپر فرحان علي راڄپر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺ جي پيئڻ واري پاڻي ۾ سينکيو هجڻ ڪري هي بيماري لڳي ٿي . بيماري ۾ ورتل ماڻھو پهريان بلڪل ٺيڪ هئا بعد ۾ انهن جي جسم جي مختلف عضون ۾ سور ٿيو ۽ آهسته آهسته هلڻ کان لاچار ٿي ويا هنن چيو ته هي بيماري لڳڻ بعد مريض 3 کان 4 سالن جي اندر فوت ٿي وڃن ٿا هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺ ۾ هن وقت تائين ڪا به ڊاڪٽرن جي ٽيم نه پهتي آهي نه ئي ڪو چونڊيل نمائندو واهر لاء پهتو آهي هنن چيو ته اسان ڊي ايڇ او خيرپور ،ايم ايس فيض گنج کي پڻ ڪيترائي دفعا ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلڻ لاء چيو آهي پر ڪا به ڊاڪٽرن جي ٽيم نه آئي آهي نه ئي ڪو ايم ايس انچارج پهتو آهي هنن وڌيڪ چيو ته هتان جا رهواسي پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا تنهن ڪري وڏين اسپتالن تائين پهچ نه ٿا رکن . ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته هن بيماري جو سبب علائقي جو پاڻي آهي . جنهن ۾ بيماريون شامل آهن . اڪثر طور 25 کان 30 سالن کان پوءِ واري عمر ۾ ماڻهون پاڻي پيئڻ سبب چيلهه جي سور ، لڱن جي سور ۾ وٺجي وڃن ٿا . جنهن کان پوءِ انهن جا هٿ پير سڪي وڃن ٿا . جنهن جي ڪري مريض هلڻ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وڃن ٿا . علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن ٻاهري ملڪن مان هن بيماري جي علاج جو مشورو ڏين ٿا پر غريب ۽ مسڪين بي پهچ ماڻهون ٻاهرين ملڪن مان غربت سبب علاج نه ڪرائڻ جي ڪري بيماري ۾ تڙپي تڙپي دم ڏين ٿا . ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي نوٽيس وٺي غريب ، بي پهچ مريضن جي علاج لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجن .