ڪرونا وائرس کي هڪ حقيقت تسليم ڪري ان کان بچڻ جي تدبير اختيار ڪئي وڃي:مرتضيٰ وهاب

 ڪراچي )(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان قانون ۽ ماحوليات ۽ سامونڊي پٽي واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪرونا وائرس کي هڪ حقيقت تسليم ڪري ان کان بچڻ جي تدبير اختيار ڪئي وڃي. چند ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڪرونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو گھرن مان نڪرڻ وقت ماسڪ ضرور پائين ڇو ته طبي ماهرن جي مطابق ماسڪ پائڻ سان وائرس جي منتقلي صرف پنج سيڪڙو رهجي ويندي آهي ماسڪ پائڻ سان وائرس کان 95 سيڪڙو بچي سگھجي ٿو. هن چيو ته پاڻ ۽ ٻين کي به ماسڪ پائڻ جي تلقين ڪيو. اهو وائرس اسان سڀني کي متاثر ڪري رهيو آهي هي وائرس اسان جي گھٽين ۽ پاڙن ۾ پکڙجي چڪو آهي هن وڌيڪ چيو ته هن خطرناڪ وبا کان بچڻ جو واحد رستو احتياط آهي. سنڌ حڪومت احتياط جي گھڙي گھڙي تلقين ڪري رهي آهي. بيمار ماڻهن کان علاوه پنجاھ سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۽ ٻارن کي گھرن مان نه نڪرڻ ڏيو. اسان الله پاڪ کان دعاگو آهيون ته اسان کي هن وبا مان جلد از جلد ڇوٽڪارو عطا فرمائي.     

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *