ڪرونا  جي خلاف سنڌ حڪومت پاران جامع ۽ مظبوط پاليسي کي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورتر)اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه صوبي ۾ جاري اسپري مهم کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب سنڌ ۾ ڪرونا جي وبا کان بچاءُ لاء جراثيم کي مارڻ واري اسپري مهم تي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ بلديات واري صوبائي وزير کي ٻڌايو ته روزاني جي بنياد تي صوبي جي سمورن ضلعن، سمورين يونين ڪونسلن ۾ جراثيم ڪش دوائن جو اسپري ڪيو پيو وڃي جنهن سان مهلڪ وبا جي خاتمي ۽ پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ خاطر خواهه مدد ملي رهي آهي. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي جانين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نهايت ئي سنجيدگي سان اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي. مگر عوام کي به ان معاملي جي سنجيدگي کي نظر ۾ رکي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا جهڙي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاران ڪيل اپائن تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن مگر ان جي باوجود سنڌ حڪومت انساني جانين کي بچائڻ لاءِ وفاق سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪرونا جي خلاف جنهن عمدگي سان جامع ۽ مظبوط پاليسي جوڙي آهي ان سان سنڌ جي عوام کي وڏي نقصان کان بچايو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *