ڪراچي: 23 گم ٿيل ٻارن مان رڳو هڪ آزاد، آءِ  جي سنڌ عدالت طلب

ڪراچي (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهر ۾ 23 لاپتا ٻارن مان صرف هڪ جي بازيابي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 23 گمشده ٻارن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت ٻارن جي بازيابي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاور جو اظهار ڪيو،  جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ عدالت ريمارڪس ڏيندي لاپتا ٻارن جي بازيابي تي سخت ڳڻتي آهي. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ٻارن جي گمشدگي باري ۾ 22 ايف آءِ آر داخل آهن. جڏهن ته ڊي آءِ جي ڪرائم برانچ عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ٽيم جوڙي هئي  جنهن هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو آهي. ڊي آءِ جي جي بيان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 23 مان صرف هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو ويو آهي پوليس جي تحقيقات تمام گهڻي سست آهي، پوليس اختيارين لاپتا ٻارن جي بازيابي کي جلد کان جلد يقيني بڻايو ، عدالت آءِ جي سنڌ جي جوڙيل ٽيم تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي جي سربراهي ۾ نئي ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اي وي سي سي ( سي سي آئي) جي ڪارڪردگي تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي بازيابي تائين ڊي آءِ جي کي هر ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.  عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام پاڻ پيش ٿي وضاحت ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻارن جي بازيابي لاءِ پوليس کي تمام جديد ٽيڪنيڪس استعمال ڪرڻ ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائي 3 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *