ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات حڪومتي ادارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي پَت وائکي ڪري ڇڏي، هڪ ڌڪ سان 550 فيڊر ٽرپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ صوبائي راڄڌاني جا اڌ کان وڌيڪ علائقا بجلي کان محروم، سرجاڻي ٽائون،لياري، ناردرن باءِ پاس ۽ اورنگي سوڌو اولهه ضلعي جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال، روڊ رستا پاڻي هيٺ اچڻ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، واٽر بورڊ سوڌو لوڪل گورنمينٽ ملازمن جون موڪلون رد، مڪاني ادارن واري کاتي رين ايمرجنسي لاڳو ڪندي رستن تي بيٺل پاڻي کي فوري نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ملير ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت، لانڍي جي قذافي ٽائون ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو ادارن موجب شهر ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.گارڊن ڦوهارا چوڪ ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو، جنهن جي سڃاڻپ 55 ورهين جي يوسف جي نالي سان ٿي، جڏهن ته لانڍي جي علائقي قذافي ٽائون جي گرائونڊ ۾ بجلي جي ٽٽل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عثمان پٽ اختر جي نالي سان ٿي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ 18 ورهين جي اقبال طور ٿي ۽ ٻنهي کي جناح اسپتال نيو ويو.ٻئي پاسي گلشن حديد فيز ٽو ۾ طاهر ميڊيڪل ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب 10 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن جي مڙهه کي به جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.موسميات کاتي موجب مون سون جي ٽئين اسپتال بابت اندازا غلط ثابت ٿيا آهن ۽ شهر ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي.موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته رات جي وقت تيز برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڀاڻي ٻيپهري تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.ٻئي پاسي صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني کان برسات دوران شهر جو دورو، صورتحال جو جائزو ورتو ويو، صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ هو ته سمورا ميونسپل ڪمشنرز ۽ ٻيا عملدار پاڻي نيڪالي کي يقيني بڻائين، ناصر شاهه جو چوڻ هو ته مشينري ذريعي روڊن رستن تان پاڻي نيڪالي کي يقيني بڻايو وڃي