ڪراچي (بيورو رپورٽ)سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي پهريون مريض فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪورونا جا وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 238 ٿي ويو آهي. صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته فوتي کي ڪورونا سان گڏ ڪينسر ۽ بلڊ پريشر جو به عارضو هو. جنهن ڪري سندس صحت اڳواٽ ئي خراب هئي. ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ ڪورونا جو 77 سالا مريض گذريل رات فوت ٿي ويو، صحت کاتي طرفان صوبي ۾ ڪورونا جو پهريون مريض فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪورونا وائرس جي ڪُل مريضن جو انگ 238 ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ هن وقت ڪورونا جا 83 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته سکر ۾ ڪورونا متاثر زائرين جو انگ 151آهي، اُن کانسواءِ حيدرآباد ۾ به ڪورونا جو هڪ مريض علاج هيٺ آهي. صحت کاتي موجب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هيل تائين ڪورونا جا 3 مريض صحتياب ٿي گهر هليا ويا آهن. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي تيزي سان ڦهلجندڙ سبب عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٽن ڏينهن تائين پاڻمرادو آئسوليشن ۾ وڃن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي، رينجرز عملدارن، صحت جي عالمي اداري جي نمائندن، ايئرپورٽ، سو ايوي ايشن جي نمائندن سميت ٻين ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري سنڌ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هيل تائين صوبي ۾ سکر جي 151 زائرين علاوه 87 ڪيسز آهن، جڏهن ته مختلف علائقن ۾هاڻي مقامي سطح تي وائرس ڦهلجي رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مقامي سطح تي منتقل ٿيندڙ ڪيسز وڌڻ ڪري پريشاني ٿي رهي آهي، هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن تائين پنهنجو پاڻ کي آئسوليشن ۾ رکو، نه صرف پاڻ کي پنهنجن ٻارن ۽ دوستن کي هن موذي مرض کان بچايو،