ڪراچي ۾ ڦورو بي قابو، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦُر جي واقعن ۾ واڌ

ڪراچي (م ڊ) شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦر جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري گذريل رات اسٽريٽ ڪرائم دوران ڦورن  فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ گذريل رات ڦورن واردات دوران شهرين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب واقعو ڦر دوران مزاحمت تي پيش آيو جنهن کان پوءِ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ جوابدار کي مقابلي کان پوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار غلام حسين وٽان موٽر سائيڪل ۽ هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوهر موڙ تي به ڦر ۾ مزاحمت دوران فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. ٻئي پاسي ڪراچي جي ئي علائقي ناظم آباد ۾ هڪ ڦورو ڦر بعد اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ساڳئي شهري جي گھر ۾ ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. 27 نومبر تي پيش آيل ان واردات ۾ پهريان هڪ ڦورو شهري کي ڦريو ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ساڳئي شهري جي گھر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن ناظم آباد نمبر هڪ ۾ اسٽريٽ ڪرمنل گھر جي دروازي تي بيٺل نوجوان جي موبائل ۽ نقدي ڦري ڀڳو، وري اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جوابدار ٻيهر ساڳئي شهري جي گھر ڦر جي ارادي سان آيو پر گھر ۾ داخل ٿي نه سگھيو. شهر ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندي وارداتن پوليس جي ڪارگردگي تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *