سکر(رپورٽر)صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌندڙ ڏوهه وارين ڪاررواين تي حڪومت جي ناڪامي کي مڃڻ جي بجاءِ انوکي منطق پيش ڪري ڇڏي آهي.سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته ڏوهه وارين ڪاررواين وڌڻ جو اهم سبب بک ۽ بدحالي آهي. هن چيو ته جڏهن ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ نه هوندو ته هو ڇا ڪندا.هن چيو ته پ پ فضل الرحمان جي ڌرڻي جي حمايت ڪري رهي آهي ۽ هو تمام سٺو ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي. پ پ پرامن ڌرڻي ۽ مارچ جي حمايت ڪندي. سنڌ ۾ مولانا جي مارچ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ويندي.هن چيو ته ڪراچي ۾ اسان ڪچري جي پويان لڳل آهيون پر اصل ڪم ڊي ايم سيز جو آهي. حڪومت کي به پنهنجي ذميواري جو احساس ٿيڻ گهرجي ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون. امن امان جي حوالي سان هن چيو ته پهريان حالتون بهتر نه هيون پر هاڻ حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون آهن.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ جي سنڌ ڪليم امام به اعتراف ڪيو هو ته منهنجا وارث به ڪراچي ۾ ڦورن هٿان ڦرجي چڪا آهن.