ڪراچي ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل ۾ نادرا ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت ملوث آهي؛ايس اين پي

ڪراچي.( پ ر ) سنڌ سرڪار ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ بدران انهن کي ڪراچي جي مختلف ڳوٺن مان شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ ۾ مصروف آهي، ڪراچي جي يوسي 31 سميت ٻين علائقن ۾ افغاني پناهگيرن کي حڪومتي مشينري جي موجودگي ۾ شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ وارو عمل ڌرتي ڌڻين خلاف وڏي سازش آهي، ڪراچي ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل ۾ نادرا ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت ملوث آهي، اهڙو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، پروفيسر سچل ڪلوڙ، غلام رسول مارفاڻي، احمد سومرو، لالا عبدالله پٺاڻ ۽ ٻين ڪراچي ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيارڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو ته صاف شفاف آدم شماري ڪرائڻ جي دعويدار سنڌ سرڪار اهو ٻڌائي ته ڌارين کي ڪهڙي قانون تحت ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته هڪ طرف پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته ٻي طرف پ پ جي سنڌ سرڪار۽ جالا افغاني پناهگيرن کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ ۾ مصروف آهن، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار کي سنڌ جي وحدت بدران اقتدار وڌيڪ عزيزآهي، سنڌ سرڪار لساني ٽولن جي فرمائش تي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بدران ڌارين جي داخلا ڪرائڻ لاءِ حيلا بهانه تلاش ڪري رهي آهي، سنڌ جي وحدانيت جو دارومدار ٿيندڙ آدم شماري تي آهي،آدم شماري جي معاملي تي سنڌ جي قومپرست ۽ ساڃاھوند متحد آهن،پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري بيان ۾ هنن چيو ته سنڌ جي بقا ۽ سلامتي واري معاملي تي سنڌ جا قومپرست متحد آهن، قومپرست خلاف زهر اوڳاڇيندڙن کي آدم شماري جي معاملي تي سنڌ جي قومپرستن ۽ سنڌ جي خير خواهن جواتحاد سنڌ آدم شماري منيٽرنگ ڪميٽي اکين ۾ ڪنڊي جيان لڳي رهيوآهي، تنهن ڪري ڪجھ عنصر قومپرستن خلاف نازيب ٻولي ڳالهائي پنهنجي نوڪري پڪي ڪري رهيا آهن، سنڌي عوام اهڙن موقعي پرستن کي اڳ ئي رد ڪري ڪري ڇڏيوآهي.. س

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *