ڪراچي ۾ چينين تي حملي آور جي سڃاڻپ، عورت سميت 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملو ڪندڙ بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي حملي جي ماسٽر مائينڊ ۽ عورت  سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار طرفان جاچ ٽيم کي 5 ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ ٻاهران حملي ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا هئا. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته آپگهاتي بمبار جو نالو شاهه فهد هو. هن جيئن ئي هينڊ بريڪ ڇڪيو ته ڪار ۾ڌماڪو ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھن جو ڌڙ ۽ ھڪڙو ھٿ بچي ويو ھو، جڏھن تھ باقي سمورو جسم ختم ٿي چڪو هو، سي سي ٽي وي فوٽيج وسيلي آپگهاتي بمبار ۽ ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي، اھڙي طرح سان هٿ جي آڱرين جي نشانن سان بھ سندس سڃاڻپ ڪئي وئي، واقعي واري هنڌ تان حملي ۾استعمال ٿيل گاڏي جو چيسس به مليو آهي. هن چيو ته حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي هڪ شو روم مان 71 لک رپين ۾ خريد ڪئي وئي هئي،  رقم حب واري علائقي مان بئنڪ ۾ منتقل ڪئي وئي، رقم فيصل علي جي بئنڪ اڪائونٽ مان منتقل ڪئي وئي، ايڪسائيز ڊيٽا وسيلي انڪشاف ٿيو آھي تھ فرحان ۽ شريف گاڏي جي خريداري ۾ ملوث هئا، خودڪش بمبار پاڻ ئي ڪار خريد ڪرڻ ويو. صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته دھشتگردن جي مالي سھولتڪاري ڪندڙ پڻ سامهون آيا آھن، انھن ۾ بلال نالي بينڪ ملازم سميت 2 ڄڻا ملوث هئا.هن چيو ته گاڏي حب کان ٻاهر هلي وئي جتي ان ۾ آر ڊي ايڪس ۽ پينٽ سميت ڌماڪيدار مادو رکيل هو، 30 کان 40 ڪلو وزني هي ڌماڪيدار مادو جرمنيءَ ۾ ٻي عالمي جنگ ۾ استعمال ٿيو هو. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن عورت کي چيڪنگ کان بچڻ لاءِ ڪار ۾ ويهاريو، دهشتگرد گل نسا نالي عورت جي مدد سان بارود سان ڀريل ڪار سان شهر ۾ داخل ٿيا،  عورت کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي. هن چيو ته حملي جو مرڪزي جوابدار جاويد نالي شخص آهي جيڪو سڄو ڪيس ڏسي رهيو هو. هن ريڪي به ڪئي ۽ ايئرپورٽ تان چيني شهرين جي روانگي جي خبر به ٽنهي جوابدارن دانش کي ڏني، گل رحمان ۽ بشير زيد فرار آهن. هن چيو ته جوابدار جاويد جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ڪئي وئي آهي. هن آخري وڊيو فريئر هال جي سامهون هوٽل لڳ  9:00  موڪلي، ان کان پوءِ جاويد ايئرپورٽ واري علائقي ڏانهن هليو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *