ڪراچي ۾ وڏي وزير پل جي افتتاح لاءِ نه پهچي سگهيو، ٻارن پاڻ ئي ربن ڪٺي ٽرئفڪ کولي ڇڏي

ڪراچي(م ڊ)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڪراچي ۾ پل جو افتتاح ڪرڻ هو، وڏو وزير ٽائم مطابق افتتاح ڪرڻ نه پهچي سگهيو ته اتي موجود ٻارن ربن ڪاٽي پل کي ٽرئفڪ لاءِ کولي ڇڏيو. نجي ٽي وي جيو نيوز مطابق اڄ ۹ وڳي ڌاري وڏو وزير سيد مراد علي شاهه کي ڪورنگي ڪراسنگ تي ٺهيل پل جو افتتاح ڪرڻو هو. وڏو وزير پل جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پهچي نه سگهيو نه ئي سنڌ حڪومت جو ڪو نمائندو ربن ڪاٺڻ لاءِ پهتو. اتي موجود ماڻهن ۽ ٻارڙن پاڻمرادو ربن ڪاٺي پل کي ٽرئفڪ لاءِ کولي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *