ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ ڌماڪو، 5 جانيون ضايع، سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلشن اقبال  ڀرسان مسڪن چورنگي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.اڄ صبح جو 9 وڳي گلشن اقبال جي مسڪن چورنگي وٽ موجود عمارت ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويجهين عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا.ڌماڪو 4 ماڙ عمار جي پهرين فلور تي ٿيو ۽ عمارت جي هيٺان هڪ خانگي بينڪ به آهي جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلڊنگ ڪرڻ سبب هيٺان بيٺل گاڏيون به ملبي هيٺ دٻجي ويون.پوليس بلڊنگ ۾ ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪي سان بلڊنگ بري طرح متاثر ٿي آهي ۽ان جا ٻه فلور مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي موجب ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿيا آهن.زخمين ۾ بينڪ جو عملو به شامل آهي جڏهن ته بينڪ جو گارڊ به ڌماڪي ۾ فوت ٿيو آهي.ڊي جي هيلٿ سنڌ موجب ڌماڪي ۾ 28 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن.خانگي بينڪ جي ملازم ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جو سمورو عمل هن وقت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، ڌماڪي جو آواز شديد هو .واقعي کان پوءِ علائقي ۾ پوليس وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ريسڪيو اهلڪارن امدادي ڪارروائيون شروع ڪندي زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.ڌماڪو ميزنائن فلو تي ٿيو پوليس موجب ڌماڪو عمارت جي ميزنائن فلور تي ٿيو جنهن ۾ بينڪ جو ڪچن موجود هو.وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو، سنڌ جي وڏي وزير مسڪن چورنگي تي ٿيل ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي ايڊمنسٽريشن ڪراچي کي امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل عمر بخاري چيو آهي ته سازشون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، شهري خوفزده نه ٿين.رپورٽ موجب  ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل عمر بخاري مسڪن چورنگي  ويجهو ٿيندڙ ڌماڪن جي جڳهه جو دورو ڪيو ۽ حالتن جو جائزو ورتو.ان موقعي تي ڊي جي رينجرز صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڌماڪو ڏکوئيندڙ واقعو آهي ۽ ڌماڪي  بابت آفيسرن کان تفصيل حاصل ڪيا آهن.هن چيو ته گذريل ڏينهن ۽ اڄ ٿيندڙ ڌماڪي جي واقعن جي جاچ ڪئي پئي وڃي سازش ڪندڙن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي جا شهري خوفزده نه ٿين.ميجر جنرل عمر بخاري شهرين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي پر اسان کي مضبوط رهڻو آهي. اسان دشمن جي ناپاڪ ارادن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته متاثر عمارت کي خالي ڪرايو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *