ڪراچي( م ڊ ) ڪراچي پوليس شهر ۾ ريسنگ ۽ ون ويلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 34 ماڻهن کي گرفتار ڪري سندس گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون. ريسنگ تڪرار دوران ڪراچي ۾ سي ويو واري هنڌ نوجوان جي قتل کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪم تي پوليس ون ويلنگ ۽ ريس لڳائيندڙ موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس ڪارروائي دوران 34 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 14 موٽرسائيڪلون ۽ 6 گاڏيون ضبط ڪري ورتيون. پوليس موجب گرفتار ٿيل ٻن ڪار سوارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس طرفان ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ شيشن تي چڙهيل ڪاريون پٽيون لاٿيون پيون وڃن. تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا جي ڊبل ڪيبن گاڏي کي به ڪارن شيشن سبب روڪيو ويو پر گوڙ ڪرڻ تي کيس ڇڏيو ويو. فيصل واوڊا چيو ته پوليس ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف ڪارروائي بدران بدران شهر مان رتوڇاڻ ختم ڪري، مان به ون ويلنگ ۽ موٽرسائيڪل ۽ ريس لڳائيندڙ گاڏين خلاف آهيان.