ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت گرمي جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) شهر ۾ ايندڙ هفتي هڪ ڀيرو ٻيهر گرمي ۾ واڌ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين سخت گرمي جي لهر شهرين و جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي پر گذريل ڏينهن سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جي ڪري گرمي جو زور ٽٽي پيو. منجهند 3 وڳي ڪراچي جو گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هواني ۾ نمي 66 سيڪڙو آهي. شهر ۾ موجوده هوا جي رفتار 13 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ سان هلي رهي آهي.  ڪراچي ۾ في الحال ته گرمي جي شدت ڪنهن حد تائين گهٽ آهي پر ائين لڳي ٿو ته غير معمولي هيٽ ويو ڪراچي وارن جو پيڇو نه ڇڏيندي ڇو ته موسميات کاتي ايندڙ هفتي ٻيهر هيٽ ويو جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي جو گرمي پد هڪ ڀيرو ٻيهر وڌندو پر گرمي جي اها لهر اربع تائين جاري رهندي، خميس کان گرمي پد ۾ گهٽتائي اچڻ لڳندي. ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به سخت گرمي جي لهر جاري آهي، مٺي ۾ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ، حيدر آباد ۾ 45 جڏهن ته سکر، دادو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *