ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو متاثر مريض فوت، ڪيترائي ماڻهو مختلف اسپتالن ۾داخل

ڪراچي: (م ڊ)  شهر ۾ هيٽ ويو پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ سول اسپتال ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو متاثر هڪ مريض دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.شهر جي مختلف علائقن جي اسپتالن ۾ سخت گرمي سبب  ڪيترائي ماڻهو مختلف اسپتالن ۾ آندا ويا، شهر جا روڊ ڏينهن جي وقت ۾ ويران رهيا. رات دير تائين گرمي ۽ گُهٽ جو ماحول برقرار رهيو.سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خادم قريشي  موجب سول اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ وارڊ ۾ هيٽ ويو کان متاثر 4 مريض آندا ويا جن مان 3 مريضن کي ابتدائي امداد ڏئي 4 کان 5 ڪلاڪن ۾ واپس روانو ڪيو ويو. جڏهن ته هيٽ ويو سبب آندل هڪ مريض جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. علاج ٿيڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي ايدهي جي حوالي ڪيو ويو آهي. شهرين ۾ هيٽ ويو جي دوران احتياطي تدبيرن جي آگاهي سبب گذريل سال جاني نقصان ناهي ٿيو.ڇنڇر تي 3 ڏينهن به شهر ۾ هيٽ ويو سبب گرمي جي شدت برقرار رهي. ڏينهن جي وقت لُو لڳڻ سبب  گرمي پد 40 ڊگري  سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. غير معمولي گرمي سبب هيٽ انڊيڪس ڪجهه دير جي لاءِ 56 ڊگري تائين وڃي پهتو. اڄ آچر  تي ٻنپهرن جي وقت سمنڊ جون 72 ڪلاڪن کان بند سامونڊي هوائون جزوي طور تي بحال ٿيڻ جو امڪان آهي. سومر کان شهر جو گرمي پد گهٽ رهڻ جو امڪان آهي. گرمي جو سبب بڻجندڙ ساموندي طوفان وائيو ڪافي حد تائين  ڪمزور ٿي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *