ڪراچي ۾ نادرا پاران غيرملڪين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ پاڪستان دشمني آهي؛عوامي جمهوري پارٽي

ملير(ڊ ر) ڪراچي ۾ نادرا پاران غيرملڪين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ پاڪستان دشمني،  دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، ان عمل سان سنڌ جي اصلوڪن رهواسين ۾ بي چيني پکيڙيبي ۽ احساس محرومي ۾ واڌارو ٿيندو، اهڙو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر رشيد سڌايو، سراج سيال، امداد پنهور، ايڊوڪيٽ اياز چانديو، دلشاد ٻرڙو، نبي بخش عباسي، غلام مصطفيٰ ميرجت، فرحان عباسي ۽ قاسم شيخ ملير ۾ هڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، خبر موجب عوامي جمهوري پارٽي طرفان ملير جي علائقي عمرماروي ڳوٺ ۾ هڪ ڪارنر گڏجاڻي ۽ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ خلاف ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نادرا چئيرمين پاڪستان ۽ سنڌ دشمني ۾ غيرملڪي ايجنٽ جو ڪردار نڀائيندي ٻين ملڪن جهڙوڪ افغانستان، بنگلاديش، برما ۽ مڊل ايسٽ ۽ ٻين ملڪن کان آيل غيرقانوني ترسيل ماڻهو جيڪي هتي دهشتگردي ۾ ملوث رهيا آهن، انهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري دهشتگردي کي هٿي ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ شامل آهي، اڳواڻن اعلان ڪيو ته پهرين اپريل 2018 تي نادرا جي ان سنڌ دشمن عمل جي خلاف ڪراچي ۾ هڪ وڏو احتجاج ڪيو ويندو، هنن حڪمرانن کان گهر ڪئي ته سنڌ کي فتح ٿيل علائقي جي بجائي 1940 جي قرارداد جي روشني ۾ هڪ خودمختيار صوبي جي حيثيت ڏيندي نادرا جي ان سنڌ دشمني کي عمل روڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *