ڪراچي(م ڊ) اڄ صبح ڪراچي جي شاهراه فيصل تي نرسري وٽ عورتون جي ميڪ اپ جو سامان تيار ڪرندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.ڪراچي شاهراه فيلصي عورتون جي ميڪ اپ جو سامان تيار ڪندڙ فيڪٽري جي عمارت ۾ ڌماڪو جنهن کان پوءِ باهه پوري عمارت کي وڪوڙي وئي ۽ ڀرپاسي جي عمارتن کي نقصان پهتوگهرن ۽ فليٽن کي امڪاني باهه يا نقصان ٿيڻ ڪري خالي ڪرايو ويو.اهه لڳڻ جي اطلاع تي فائر برگيڊ کي طلب ڪيو ويو جن پهچي باهه تي ضابطي آڻڻ جو ڪوششون ڪيون، ريسڪو اطلاعن موجب باهه جي شدت ايتري هئي جنهن ڪري ويجهن گهر ۽ عمارتن کي خالي ڪرايو ويو جڏهن ته ويجهي اسڪول کي پڻ باهه لڳي وئي پوليس موجب گدام اندر 8 کان 9 ماڻهو ان موقعي تي ڪم ڪري رهيا هئا جن اڃان تائين ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. گدام ۾ ڪيميڪل موجود هجڻ سببب زوردار ڌماڪا پڻ ٿيا جنهن سبب عمارت پڻ ڪري پئي آهي هوڏانهن باهه لڳڻ واري واقعي جو وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کي پنهنجي نگراني هيٺ باهه وسائڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.