ڪراچي ۾ ميچ نه رکڻ صوبي سان زيادتي آهي، هڪ فرينڊلي ميچ ڪرائي وڃي، فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪنداسين: ناصر شاهه

September 15, 2017 at 7:57 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي) هه آ) اطلاعات، پورهئي ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل رانديگرن جي آمد، راندين جي شروعات ۽ بحالي ۽ سيريز جو بندوبست سٺو قدم آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لائق تحسين آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ به ميچ نه رکڻ سنڌ جي عوام سان سراسر زيادتي آهي. پي سي بي سيريز جي ميچ نه ئي سهي پر سنڌ جي عوام جي خواهش کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ هڪ فرينڊلي ميچ جو ڪراچي ۾ بندوبست ضرور ڪرايو وڃي ته جيئن هتان جي عوام کي عالمي رانديگرن جي راند نه صرف ڏسڻ جو موقعو ملي بلڪ راندين سان ملڻ جو به موقعو فراهم ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ نوجوان رانديگرن جي هڪ وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي امن لاءِ سڪيورٽي ادارن ۽ عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته مسلسل حڪومتي اپائن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ نوجوانن جي قربانين جي ڪري ڪراچي ۾ هاڻ مڪمل امان ۽ امان قائم ٿي چڪو آهي ۽ هتي ڪنهن به انٽرنيشنل راندين لاءِ حالتون سازگار آهن. هن چيو ته انٽرنيشنل رانديگرن جي آمد ۽ راندين جي بندوبست سان ڪراچي جو سوفٽ اميج پوري دنيا ۾ وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿو. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جيڪڏهن ڪراچي ۾ ورلڊ اليون جو فرينڊلي ميچ ڪرائي ته حڪومت رانديگرن ۽ شوقينن کي ڀرپور ۽ فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪندي. وفد ۾ موجود نوجوان رانديگرن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي خيالن تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ورلڊ اليون ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪراچي آمد پوري صوبي جي عوام جي دلين جي آواز آهي ۽ عوام راندين جي ڀرپور استقبال لاءِ بيچين آهي.

اي پيپر