ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 12 سالن جي ڇوڪري سميت 4 ڄڻا فوت 7 زخمي ٿي پيا حادثا ڪي ڊي اي نارٿ ناظم آباد، لياقت اباد پل ۽ اورنگي ٽائون ڊسڪو موٽ وٽ پيش آيا تفصيل مطابق نارٿ ناظم آباد جي علائقي ڪي ڊي اي چورنگي ويجهو موٽر سائيڪل ۽ رڪشي وچ ۾ ٽڪر ٿيو جن ۾ 12 سالن جي امه حبيبه ۽ طاهر جان نالي شخص فوت ٿي ويو حادثي ۾ ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو لياقت اباد پل وٽ تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ آصف نالي شخص فوت ٿي ويو فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن اورنگي ٽائون ڊسڪو موڙ ويجهو چنگچي رڪشا اونڌو ٿيڻ سان هڪ شخص فوت 4 عورتون زخمي ٿيون فوتي جي سڃاڻپ حفيظ جي نالي سان ڪئي ويئي زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.