ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو وڌي ويو، وفاق سنڌ حڪومت سان گڏجي حل ڪڍي: امتياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو وڌي ويو اهي ڪي اليڪٽرڪ کي ٻارڻ فراهم ڪيو وڃي وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڪي اليڪٽرڪ جو مسلو حل ڪن ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن دوران امتياز شيخ چيو ته صوبائي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ مدد ڪرڻ لا3 تيار آهي ڪي اليڪٽرڪ جي مستقبل جون ضرورتون ڏسندي رٿابندي ڪئي وڃي. هن چيو ته سخت گرمي ۾ ڪراچي جي عوام کي گرمي کان بچائڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي فيول هر صورت ۾ مهيا ڪيو وڃي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي خلاف ڪيس تي ڪارروائي جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *