ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو عذاب وڌي ويو، 12 کان 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ

May 30, 2017 at 6:52 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو عذاب وڌي ويو، 12 کان 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ، عوام سحري ۽ افطار وقت به بجلي کان محروم، شهرين جون ڏکيائيون وڌي ويون، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته مقامي فالٽ کي لوڊشيدنگ جو تاثر ٿيڻ غلط آهي، عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري پيو، شهر جي اڪثر علائقن پي اي سي ايڇ ايس، ايف بي ايريا، کارا در ۽ اولڊ سٽي ايريا ۾ افطار کان اڳ ئي بجلي بند ٿي وئي، سرجاني ٽائون، بلديه، نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ پڻ افطار کان اڳ بجلي غائب ٿي وئي، نارٿ ڪراچي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ صبح کان بجلي بند هجڻ ڪري شهري سخت گرمي ۾ ٻٽي عذاب کي منهن ڏيندا رهيا، هو ڏانهن ڪراچي اليڪٽرڪ انتظاميه چيو آهي ته ڪٿي به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، مقامي فالٽ کي لوڊشيڊنگ جو تاثر ڏيڻ به غلط آهي، ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب، لوڊشيڊنگ جو وقت به نه وڌايو ويو آهي، ڪراچي اليڪٽرڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته فالٽس جي جلد بهتري لاءِ عملو 24 ڪلاڪ ڪم ۾ رڌل آهي.

اي پيپر