ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ۾ سنڌ جي تقريبن سمورين سياسي پارٽين، سماجي ۽ ادبي تنظيمن سميت فني ماهرن، ساڃاهه وندن ۽ سنڌ جي سڄڻن جو اهم اجلاس ٿيو. اڄوڪو اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا “مارچ 2017ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري” هو. جنهن تي اجلاس ۾ تمام شريڪ اڳواڻن پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪيا. اجلاس جو گڏيل موقف هيٺين ريت آهي. اڄوڪي اجلاس ۾ صنعان قريشي (چيئرمين جسقم)، ايم پي اي حاجي شفيع ڄاموٽ، رياض چانڊيو (جسم) ذوالفقار هاليپوٽو (پي ٽي آءِ)، امان الله شيخ (اي جي پي)، مير عالم مري (جسقم) صوفي حضور بخش (جسم)، شاد کوسو (ايس اين پي)، قمر ڀٽي (جسقپ)، اقبال ترين (سانا)، اعجا ز قريشي (ايس ايس سي) اعجاز سامٽيو (ايس اين ايم) فتاح چنا (جيئي سنڌ تحريڪ)، مشتاق ميراڻي (ايس ڊي ايف)، ڪامريڊ رمضان ميمڻ، نواز زنئور (جيئي سنڌ لبرل فرنٽ)، اصغر باغي (ساس)، نور احمد ميمڻ (سنڌ رائيٽرز ۽ ٿنڪرز فورم)، شفقت عباسي (سنڌ ويزن فورم)، جي اين مغل، رخسانا طارق، سيد خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، حمزو پنهور، يوسف شاهه، سليم بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. هن هڪ نقاطي اجلاس ۾ متفقه راءِ سان ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته ڇاڪاڻ ته سنڌ جي حق حاڪميت ۽ وسيلن تي اختيار جو لاڳاپو، صوبي ۾ موجود آبادي ۽ آدم ڳڻپ سان آهي، تنهن ڪري سنڌ، مارچ 2017ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري کي پنهنجي بقا جو سڀ کان اهم آئيني، سياسي ۽ اخلاقي فرض سمجهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان ڏس ۾ سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي بحال ڪري سڄي سنڌ ۾ سرگرم ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جيئن ته 18 سالن کانپوءِ ملڪ اندر آدمشماري ٿي رهي آهي، تنهن ڪري سنڌ جي عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته هـُو قومي فرض سمجهي آدمشماري ۾ حصيدار ٿين ۽ پنهنجي ڳڻپ ڪرائين ته جيئن سنڌ جي حقيقي آبادي انگن اکرن جي شڪل وٺي سگهي. سنڌ ۾ لکين غير ملڪي جنهن ۾ افغاني، برمي، ايراني، بنگالي ۽ هندستاني غير قانوني طور رهائش پذير آهن. انهن جا ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري کين الڳ ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به صورت ۾ هن ملڪ جي شهري طور نه ڳڻيو وڃي. اجلاس جو گڏيل موقف آهي ته ٻين صوبن کان سنڌ ۾ آيل ماڻهن کي ڌار فارم ۾ ڳڻيو وڃي ته جيئن سنڌ جي اصل ۽ مستقل رهواسين جي آبادي کي تحفظ ملي سگهي. جيئن ته سنڌ جي ماڻهن جي آبادي ڏورانهين علائقن ۾ رهائش پذير آهن، ان ڪري سنڌ جي هر حصي ٿر، ڪوهستان، ڪچي ۽ سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي ايندڙ آدمشماري ۾ ڳڻپ طور شامل ڪيو وڃي. اجلاس گهر ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت ايندڙ آدمشماري ۾ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري ۽ ڳڻپ ڪندڙ عملي جي چونڊ صلاحيتن جي بنياد تي ڪئي وڃي ۽ انهن جي سنڌ اسٽيٽڪس بيورو جي طرفان مانيٽرنگ ڪئي وڃي. نه رڳو سنڌ پر خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان جهڙيون قومي وحدتن جون حڪومتون توڙي سياسي پارٽيون به اهو مطالبو ڪري رهيون آهن ته سڀ کان پهرين غير قانوني ماڻهو ڪڍيا وڃن تنهن ڪري ڪميٽي به ان مطالبي کي جائز سمجندي گهر ڪري ٿي ته سنڌ ۾ به سڀ کان پهرين غير ملڪي ۽ غير قانوني رهائش پذير ماڻهن جي ڳڻپ کان آدمشماري جي پراسيس جي شروعات ڪئي وڃي. اجلاس گهر ڪئي ته آدمشماري جو فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان ٿيل آهي، تنهن ڪري ڪائونسل ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ جو وڏو وزير، آدمشماري جي حوالي سان هيل تائين ٿيندڙ اڳڀرائين بابت سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏئي. اجلاس هن ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته آدمشماري سان لاڳاپيل ادارا،جهڙوڪ نادرا، بيورو آف اسٽيٽسٽڪس، اسٽيٽسٽڪس ڊويزن جي وفاقي وزارت سنڌ جي حوالي سان تعصب وارو رويو رکن ٿيون. تنهن ڪري، سنڌ سرڪار گڏيل مفادن جي ڪائونسل وسيلي انهن ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي کي يقيني ۽ سرگرم بڻائي. اڄوڪي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سيد جلال محمود شاهه جي قيادت ۾ سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي طرفان سڄي سنڌ ۾ سجاڳي مهم جي شروعات ڪري سنڌ جي هر ماڻهو کي جاڳايو ويندو ته هـُو ايندڙ آدمشماري ۾ پنهنجي ڳڻپ ڪرائي.