ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، پروفيسر سچل ڪلوڙ، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ ، الطاف مهر، احمد سومرو،انور مغل ۽ ٻين ڪراچي ۾ 144 قلم لاڳوڪرڻ واري اعلان کي سنڌ سرڪار جي بدنيتي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ 144 قلم لاڳوڪري ڪرپشن مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف سنڌ يونائيٽيڊپارٽي جي سنڌ مارچ جي نالي تي گڏ ٿيندڙ ڌرتي وارثن جي رستا روڪ ڪري نه صرف پنهنجي وزيرن مشيرن جي ڪيل ڪرپشن تي پردووجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر دهشتگردي ڪندڙن جي پشت پناهي ڪندڙن کي به راضي ڪيوآهي جنهن عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هنن وڌيڪ ته سنڌ ۾ ٿيندڙ آدم شماري جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ آدم شماري ٿي رهي آهي ۽ سنڌ دوست ڌريون سنڌي ماڻهن ۾ آدم شماري بابت جاڳرتا مهم هلائي رهيون آهن، پر ان وقت سنڌ ڪارڊ جي دعويدار پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳوڪري سنڌين جي چرپر تي پابندي هڻي سنڌ دشمن قوتن کي راضي ڪيوآهي،ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳوڪرڻ جمهوريت جي دعويدار حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي، پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ هنن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 26فيبروري تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سنڌ مارچ جي حمايت جو اعلان ڪندي سنڌ جي باشعور حلقن کي سنڌ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي،