ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ڪميٽي جي قيام کي غيرآئيني قرار ڏيندي قانون واري وفاقي وزير کان ڪراچي بابت بيان تي معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ڪميٽي ڇا آهي، اها آئين جي ڀڃڪڙي آهي، معاملو اتان شروع ٿيو، هي آئين سان مذاق آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گورنر چيو ته هي ڪميٽي 10 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي، قانون واري وفاقي وزير وري پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاقي سرڪار جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويندو، سندس اهڙي بيان خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو. وفاقي وزير پنهنجي بيان تي معافي وٺي. هن چيو ته قانون وارو وفاقي وزير جيستائين سنڌ جي عوام کان معافي نه وٺندو، ساڻس ڪڏهن به نه ملندس. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن ٺهراءُ جي حمايت نه ڪئي ته سنڌ جو عوام کين ڌڪاري ڇڏيندو. وڏي وزير چيو ته قانون تحت شهر جي صفائي ڊي ايم سي جي ذميواري آهي، سڀني کي خبر آهي ته ڪهڙي نموني شهر کي گندو ڪيو ويو. ڪراچي ڪميٽي ٺهڻ ئي غيرآئيني آهي. هن چيو ته آئون چئلينج ڪيان ٿو ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ شهيد بي نظيرڀٽو هڪ روپيو به نه رکيو هو. وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو سنڌو ديش ٺاهڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، بلاول چيو ته سنڌ کي نقصان پهتو ته وفاق به نه بچندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي، بلاول چيو هو ته جيڪڏهن پ پ جهڙي پارٽي بيٺي نه هوندي ته سڀاڻي سنڌو ديش به ٺهي سگهي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار کان حڪومت نه ٿي هلي، جي ڊي پي گروٿ گهٽجڻ سبب ملڪ معاشي طور تباهه ٿي رهيو آهي.