ڪراچي ۾ شهرين جو احتجاج، ڊمپر روڪيا ويا

ڪراچي(م ڊ) نيو ڪراچي فور جي رهواسين هيوي ٽريفڪ جي آزار خلاف چورنگي تي احتجاج ڪيو، ان دوران مظاهرين  واٽر ٽينڪرن ۽ ڊمپرن کي روڪي تلاشي ورتي ته ڊرائيون وٽ نه لائسنس هو نه وري روٽ پرمٽ هئي، جنهن تي ڊرائيورن چيو ته لائسنس گاڏي مالڪن وٽ آهن، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ فيضان علي ۽ ٻين چيو ته شهرين کي روزانو چيڀاٽي ماريو پيو وڃي، اسان اڳ به احتجاج ڪيو پر ٽريفڪ پوليس پاران ڪار ڊرائيورن ۽ موٽرسائيڪل سوارن خلاف ڪارروائي ڪندي آهي پر ڊمپرن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري، ڊمپر ڏينهون ڏينهن حادثن جو سبب بڻجن ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *