ڪراچي(پ ر) يونين ڪائونسل کان وٺي ضلعي تائين لوڪل ادارن کي بجيٽ ٺاهڻ لاءِ عام ماڻهن توڙي ميڊيا کي آگاهي ضرور ڏني وڃي، جيئن بجيٽ ٺاهڻ جي عمل کان عام ماڻهو کي باخبر ۽ ان جي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ضلع سائوٿ جي بجيٽ کان اڳ مشاورتي گڏجاڻي ۾ ضلعي جي سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين ۽ سياسي پارٽين جي لاڳاپيل ڪائونسلرن شرڪت ڪئي، انهيءَ موقعي تي سينيٽر فار پيس اينڊ ڊولپمينٽ انيشيٽوو جي سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر توفيق وساڻ چيو ته سي پي ڊي آءِ ڪراچي سميت پوري سنڌ جي 15 ضلعن ۾ بجيٽ ٺاهڻ ۽ ان کان اڳ ان تي چونڊيل نمائندن، ميڊيا توڙي سول ساوئٽي جي آرگنائيزيشن جي قابليت ۽ علميت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن عام ماڻهو بجيٽ ٺاهڻ جو رڳو حصو بڻجي پر ترقياتي رقمن جي صحيح منصوبن تي رقم رکي وڃي، جنهن جو لاڀ عام ماڻهو تائين پهچي سگهي، ان موقعي تي سنڌ جي ناڻي واري ڊپارٽمنيٽ اقبال احمد خواجه چيو ته سنڌ حڪومت 20 مقامي حڪومتن لاءِ هن سال 60 ارب رپين جي خطير رقم رکي رهي آهي جيڪا رڪارڊ بجيٽ هوندي، انهيءَ موقعي تي دي چينج آرگنائيزيشن جي اسحاق سومرو، نامور ڪنسلٽننٽ اعجاز خواجه ۽ ايڪشن ايڊ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر اروسا کٽيءَ پڻ ڳالهايو.