ڪراچي ۾ رڳو نالن جي صفائي مسئلي جو حل ناهي:مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ رڳو نالن جي صفائي جي مسئلي جو حل ناهي.سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ چوماسي جي مينهن واري صورتحال جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ناصر شاهه، ڪراچي جي ڪمشنر، ايم ڊي واٽر بورڊ سميت لاڳاپيل اختياريون شريڪ ٿيون.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته قدرتي آبي گذرگاهن تي عمارتون بڻجي ويون آهن، نالن جي مٿان واپار پيو ٿئي، جنهن جي ڪري مينهن جو پاڻي نٿو نڪري سگهي، رڳو نالن جي صفائي مسئلي جو حل ناهي، لوڪل باڊيز وٽ هڪ باقاعده ميڪنزم هئڻ گهرجي، جڏهن 30 ايم ايم مينهن هجي ته ڪهڙي ايس او پي هوندي جيڪڏهن 40 ايم ايم مينهن وسي ته ڪهڙي ايس او پي هوندي.بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته منهن دوران روڊڻ تي هيس، اهم روڊن تان مينهن بيهندي ئي پاڻي کي نيڪال ڪيو ويو، ڪجهه جاين تي نالا ڀرجي ويا جنهن جي ڪري ڪجهه مسئلا ٿيا.سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته شهر ۾ جن روڊن ۽ نالن جي ذيزائن درست ناهي انهن کي ٺيڪ ڪيو، مون کي انهن علائقن جو تفصيلي پلان گهرجي جتي گهرن ۾ پاڻي ويو آهي مون کي شهر جي 28 سب ڊويزن جو پلان ڏيو، آئون هر سب ڊويزن تي وزير يا صلاحڪار جي ڊيوٽي هڻندس، مون کي واٽر بورڊ، ايس ايس ڊبليو ايم اي، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي بهترين انجنيئرز جي ڳالهين سان پلان گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *