ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ سرڪاري ملازم، فالودو کپائيندڙ شخص ۽ مئل شخص کانپوءِ هاڻ رڪشي ڊرائيور جي اڪائونٽ مان به اربين رپين جي ٽرانزڪشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف بي آر طرفان رڪشي ڊرائيور زور طلب خان کي نوٽيس موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ کانئس اڪائونٽ مان ساڍي 8 ارب رپين جي ٽرانزڪشن تي جواب طلب ڪيو ويو آهي. ايف بي آر جي نوٽيس موجب سالار انٽرپرائزز ۽ سالار مائننگ ذريعي گهٽ ۾ گهٽ 5 بئنڪن مان ٽرانزڪشن ٿي، اڪائونٽ ڪراچي ۽ بونير جي مختلف بئنڪن ۾ کوليا ويا، هڪ نجي بئنڪ جي برانچ مان 4 ارب 60 ڪروڙ رپين جي ۽ ٻي مان 3 ارب 60 ڪروڙ رپين جي ٽرانزڪشن ٿي. رڪشي واري جو اڪائونٽ عمار خان نالي شخص استعمال ڪندو هو. ايف بي آر طرفان رڪشي ڊرائيور کي موڪليل نوٽيس ۾ ٽيڪس لڪائڻ ۽ مني لانڊرنگ الزامن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان زور طلب خان جو چوڻ آهي ته مان هن وقت بونير ۾ آهيان، ڪراچي اچي ايف بي آر اختيارين سان رابطو ڪندو.27