ڪراچي(م ڊ) پاڪستان رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي متحده قومي موومينٽ لنڊن جي هڪ اهم ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب پاڪستان رينجرز ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ مختلف علائقن مان اٺ جوابدار گرفتار ڪيا. جوابدارن وٽان هٿيار ۽ منشيات به هٿ ڪئي وئي. رينجرز ترجمان چيو ته سعيد آباد ۾ ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن جي عسڪري ونگ جي ٽارگيٽ ڪلر ريحان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رينجرز ترجمان موجب سعيد آباد جي ڪارروائي ۾ گينگوار جو هڪ ڪارندو شاهه رخ به گرفتار ٿي ويو آهي، مختلف علائقن مان گرفتار ٿيلن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. سنڌ رينجرز طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گارڊن، شريف آباد، ڊفينس ۽ عوامي ڪالوني مان به 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي ڌاڙن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث رهيا آهن.