ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي جي بدترين حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هتي دڪانن جي ڀرمار آهي، باقي جوتا ۽ سُئي به چين مان وٺي ايندا آهن، هتي ته ٿانوَ به نٿا ٺهن. ملڪ ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي ۽ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، ڇا ڪري مريخ مان اچي ڪم ڪندو؟ سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن واري ڪيس تي ٻڌڻيءَ ٿي، جنهن دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس گلزار احمد حڪم ڏنو ته سنڌ جي وڏي وزير کي چئو ته زيبرا ڪراسنگ، فُٽ پاٿن کي صفائي جي انتظامن سوڌو اوور هيڊ برجز ٺهرائي. ڪنهن زيبرا ڪراسنگ تي لينڊ ڪروزر بيٺل رهي ته توهان هٽائي نٿا سگهو، پارڪس جي جاين تي دڪان ٺهيل آهن ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا اُنهن سان مليل آهن. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته دڪانن جي ڀرمار ٺهرائي وئي آهي ۽ اُن ۾ وري ٻاهران گهرايل شيون وڪرو ٿي رهيون آهن، سڄي قوم کي دُڪان بڻائي ڇڏيو اٿئو، هاڻي ته هتي جوتا به نٿا ٺهن، اُهي به چين مان اچي رهيا آهن. ٿانوَ به هتي نٿا ٺهن ۽ سُئي وٺڻ لاءِ به چين هليا ويندا آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي ملڪ ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي، اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ سائيٽ ايرا ته وڃي ڏسو ڪهڙي حالت آهي، توهان چاهيو ٿا ته صنعتون ڪم ڪن ته اُنهن کي سهولت به ڏيو، ڪم ڪري ڪندو؟ ڇا ڪير مريخ مان اچي ڪم ڪندو؟ مٽي، دونهون، ڌوڙ، ٽٽل رستا، ڇو اهڙي حالت آهي؟