ڪراچي: (م ڊ) حددخلين خلاف آپريشن ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جي بيان تي سپريم ڪورٽ ميئر ڪراچي ۽ بلديات جي وزير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر ۾ حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل، بچاءُ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيون اختيريون عدالت ۾ پيش ٿيون. بچاءُ واري سيڪريٽري طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. جسٽس گلزار احمد چيو ته رپورٽ ڪوڙي آهي. عدالتي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ٿيو. هي رپورٽ اڻپوري ۽ اکين ۾ مٽي وجهڻ جي برابر آهي. جنهن تي اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي، مون کي وضاحت جو موقعو ڏنو وڃي.عدالت حددخلين خلاف بيان ڏيڻ تي بلديات جي وزير ۽ ڪراچي جي ميئر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪٿي آهي اهو بلديات کاتي جو وزير جيڪو چوندو وتندو آهي ته اسان هڪ به بلڊنگ نه ڪيرائينداسين. ميئر ڪراچي به چوندو ٿو وتي ته اسان گهر نه ڪيرائينداسين. ڇا انهن کي عدالت سان جنگ وڙهڻي آهي.؟ اسان پهرين سڀني کي ٻڌي وٺون. پوءِ ڏسنداسين ته هنن کي ڪٿي موڪلڻو آهي. معزز جج وڌيڪ چيو ته پوري شهر کي لينڊ مافيا جي ور چاڙهيو ويو آهي ۽ هي وري اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پنهنجي 22 جنوري جي فيصلي ۾ ڪراچي کي 40 سال پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ان سلسلي ۾ پارڪ، راندين جا ميدان ۽ اسپتالن جون ايراضيون به ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. جڏهن ته بلديا جي وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته شهر ۾ رهائشي جڳهين کي نه ڪيرايو ويندو.