ڪراچي(م ڊ) صدر ۽ آن جي آس پاس حددخلين خلاف آپريشن ستين ڏينهن به جاري آهي. صدر ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي آس پاس حددخلين خلاف آپريشن ستين ڏينهن به آپريشن جاري آهي. انٽي انڪروچمنٽ طرفان حددخلين خلاف جاري آپريشن ۾ وڏي مشينري جد مدد سان غيرقانوني طور تي قائم تعميراتن کي ڪيرايو پيو وڃي. آپريشن دوران پکين جي مارڪيٽ، ڪپڙن واري مارڪيٽ، چانهه پتي ۽ خشڪ ميون واري مارڪيٽ ۾ غيرقانوني حددخلين کي ڊاهيون پيو وڃي. اينٽي انڪروچمنٽ جي سينيئر ڊائريڪٽر بشير احمد صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي آس پاس حددخلين جو خاتمو ڪيو ويندو ۽ 15 ڏينهن ۾ صدر کي اصل صورت ۾ بحال ڪري ڇڏينداسين. بشير صديقي چيو ته اڄ 1043 غيرقانوني دڪان ڪيرايا ويندا ۽ آپريشن کانپوءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن( ڪي ايم سي ) ۽ پوليس صدر ۾ جاءِ جاءِ تي ڪيمپ لڳائيندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صدر ۾ حددخلين کي روڪڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي ويندي جيڪا ڪي ايم سي، اينٽي انڪروچمنٽ ۽ پوليس تي ٻڌل هوندي.