ڪراچي ۾ جسقم جو ”پيغامِ سنڌ“ مارچ: وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ: سنڌ ورهائڻ جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ واري عزم جو اظهار

ملير (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سنڌ کي ورهائڻ جي سازشن خلاف پيغام سنڌ مارچ ڪڍيو ويو آهي. جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾گلشن حديد کان پيغام سنڌ مارچ ڪڍيو و

و، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو ڪراچي پريس ڪلب پهچي رهيو آهي. مارچ ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن شريڪ آهن. اُن موقعي تي جسقم چيئرمين چيو ته پيغام سنِڌ مارچ اهڙن ماڻهن لاءِ واضح پيغام آهي، جيڪي سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ۽ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هو مارچ ۾ سمورين ڌُرين کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو ته جيئن دشمنن کي پيغام ڏنو وڃي ته ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ ماءُ تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ڪري سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *