ڪراچي (07 ڊسمبر 2017):ڪراچي ۾ تيرهون بين القوامي ڪتاب ميلو سجي ويو، افتتاح پر وقار تقريب سان ڪيو ويو اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن جي صبح کان ئي آمد شروع ٿئي وئي پهرين ڏينهن هڪ لک ماڻهن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کان پهرين ئي شهرين جي وڏي انگ ۾ آمد شروع ٿي وئي هئي. هي ڪتاب ميلو پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪتاب ميلو آهي جنهن ۾ 330 اسٽالز لڳايا ويا آهن. هن ڪتاب ميلي ۾ ايران، انڊيا، ترڪي، سينگاپور، ملائيشيا، برطانيا ۽ متحده عرب امارات جي پبلشرز سميت ٻين ملڪن جي بين القوامي شهرت رکندڙ بڪ پبلشرز اشاعت شده مواد جي نمائش ڪري رهيا آهن. هن نمائش ۾ آيل اديبن، شاعرن، سماجي ۽ سياسي شخصيتن هن ڪتاب ميلي کي ڪراچي شهر لاءِ خوش آئين قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي نمائش ڪراچي جي اميج کي بهتر ڪرڻ ۾ معاون ٿابت ٿيندي. ڪتاب ميلي ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جي ٻارن به شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پسند جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ خريد ڪيا. ان ميلي ۾ اردو، سنڌي، فارسي، پنجابي، گجراتي سميت ملڪ ۾ ڳالهائي ويندڙ زبانن کان علاوه انگريزي ۽ ٻين زبانن جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ عوامي دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي. ڪتاب ميلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ويلڪم بڪ پورٽ ۽ چلڊرن پبلشرز جي اسٽالن تي شاگردن، شاگردياڻين ۽ والدين جي رش ڏسڻ ۾ آئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين انهن اسٽالن تان درسي ڪتابن کان علاوه غير تدريسي ڪتاب به خريد ڪيا. امن امان جي بهتر صورتحال جي پيش نظر شهر جي رونق کي ڪتاب ميلي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هزارن جي تعداد ۾ شاگردن جي آمد ان ڳالھ جي شاهد آهي ته ٻارن ۾ مطالعي جي عادت پڪي ٿي رهي آهي. اها هاڪاري ڳالھ آهي. ان ڳالهين جو اظهار سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ 13 هين ڪراچي ڪتاب ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر ۾ امن امان جي بهتر صورتحال ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر ايوينٽ جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي ته ڪتاب ميلي ۾ هزارن جي انگ ۾ شاگرد آيا آهن. هن ڪتاب ميلي سان بيرون ملڪ ۾ پاڪستان جو جو نرم گوشو اجاگر ٿيندو. ان کان پوءِ صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاھ عالمي ڪتاب ميلي جو باقاعده افتتاح ڪيو. تقريب سان خطاب ڪندي مشهور ليکڪ ۽ اديب ستيا پال آنند چيو ته ان ڪتاب ميلي کي ڏسي لڳي ٿو ته ڪتاب جو ڪلچر شروع ٿي ويو آهي. ڪتاب ڪڏهن به پراڻو ۽ پوڙهو ناهي ٿيندو. جڏهن به پڙهيو ويندو آهي نئون لڳندو آهي. جيڪي ملڪي ترقي يافته سڏرائيندا آهن ۽ جتي انٽرنيٽ هر جاءِ تي موجود آهي. اتي به ڪتاب پڙهڻ جو رجهان گهٽ ناهي ٿيو. اڳوڻي اطلاعات واري وزير ۽ اديب جاويد جبار چيو ته ڪتاب ميلي ۾ عام ماڻهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهيمت اجاگر ڪرڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان وٽ تحقيق جي اڻاٺ آهي. اسان کي گھرجي ته ٻارن ۾ تحقيق ڪرڻ جي عادت وجھون. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهون اڪثر چوندا آهن ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ختم ٿي رهي آهي پر انگ اکر ڪجھ ٻيو چون ٿا. آمريڪا ۾ ٿيندڙ جانچ جي مطابق گذريل ٻن سالن ۾ ڪتاب جي پيپر پرنٽنگ ۾ واڌارو ٿيو آهي ان سان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪتاب پڙهڻ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. تقريب ۾ موجود مقررن ۾ مشهور اديب ۽ صحافي، محمود شام، قاضي اسد عابد، اويس مرزا جميل، شامل هئا. تقريب ۾ ڪالم نگار زاهد حنا، ماهر تعليم انوار احمد زئي، منصوب حسين صديقي، مشهور شاعر سحر انصاري سميت ٻين اديبن، شاعرن، مصنفن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.