ڪراچي ۾ بد ترين لوڊ شيڊنگ، شهري سخت پريشاني جو شڪار

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾موڪل جي ڏينهن به بجلي جي بدترين لوڊ شيدنگ جاري آهي جنهن جي سبب شهري سخت اذيت ۾ مبتلا آهن. گذريل ڏينهن شهر ۾ پورو ڏينهن لوڊ شيدنگ جي باوجود مختلف علائقن ۾ رات جو به غير اعلانيه لوڊ شيدنگ ڪئي جنهن جي سبب شهريون جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. اتر ناظم آباد، گلستان جوهر، ڊيفينس ۽ ڪلفٽن، سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جو غائب رهڻ معمول بڻجي ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته لوڊ شيدنگ مجبوري ۾ ڪري رهيا آهيون جيستائين پوري گيس نه ملندي ان وقت تائين لوڊ شيدنگ ختم نه ٿي سگهي. شهر ۾ لوڊ شيدنگ جي سبب جتي ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معملا متاثر ٿي رهيا آهن. ۽ اتي امتحان جي تياري ڪرڻ واري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به سخت ڏکيائين جو شڪار آهن. شهر ۾ بجلي جي سنگين صورتحال ۾ سياسي جماعتن به احتجاج جو رستو اپنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان جماعت اسلامي به 20 اپريل تي وزير اعليٰ هائوس جو گهيرائو ۽ 27 اپريل تي هرتارل جو اعلان ڪيو آهي . ٻئي طرف شهرين جي بجلي جي لوڊ شيدنگ جي سبب پاڻي جي وصولي ۾ به سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *