ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراڇي ۾ 7 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين کي سخت اذيت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ڪراچي ۾ موسم بهتر ٿيندي ئي بجلي جي طلب ۾ واقع گهٽتائي سامهون آئي آهي. بجلي جي گڏيل طلب 2900 ميگاواٽ آهي جڏهن ته رسد 2600 ميگاواٽ آهي. هن وقت ڪراچي اليڪٽرڪ جا پاور پلانٽ 1600 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته خانگي پاور پلانٽس مان 300 ۽ نيشنل گرڊ مان 700 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي. بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ 300 ميگاواٽ جو فرق موجود آهي. ان حوالي سان ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏنل علائقن ۾ لاڳيتو بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. پر لائن لاسز وارن علائقن ۾ 7 ڪلاڪن جي اعلاڻيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.