ڪراچي ۾ امن پ پ جو ڪارنامو نه پر نيشنل ايڪشن پلان جو نتيجو آهي: اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن بابت عدالتن جا ريمارڪس شاندار آهن پر ڪرپٽ وزيرن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. سيڪريٽرين ۽ ڪامورن جي گهرن مان لڪايل اربين رپيا ۽ سون ملي رهيو آهي. پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن تان هزارين خونن جا ڪيس ختم ڪري انهن کي آزاد ڪيو.اقتدار لاءِ دهشتگردن کي مضبوط ڪري شهرن کي ڪچري جو ڍير ۽ کنڊر بنايو. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ شهرين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن پيپلزپارٽي جو ڪارنامو نه پر نيشنل ايڪشن پلان جو نتيجو آهي، پيپلزپارٽي ته دهشتگردن جي سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.آصف زرداري ته اقتدار لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص سميت شهر ايم ڪيو ايم کي لکي پڙهي ڏئي ڇڏيا. عوام جي دولت تي ڌاڙو هڻي اربين روپيا لنڊن موڪليا، دهشتگردن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ٻڌائي ته معصوم انسانن جي قاتلن تان هزارين خونن جا ڪيس ڇو معاف ڪيا ويا؟ ڪنهن جي خدمت لاءِ سنڌ کي ٽوڙڻ جهڙو ٻٽو نظام آندو ويو؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *