ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اٽڪل 10 هزار استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي. سنڌ اسيمبلي ۽ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش دوران پوليس استادن تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن ۾ ڪيترائي استاد زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي استادن کي کنڀي وئي آهي. اقرا ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن طرفان ڪراچي پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍڻ بعد سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس کين روڪڻ لاءِ لٺبازي ڪئي ته مظاهرين ۽ اهلڪارن ۾ منهن ماري ٿي، جنهن بعد استاد اسيمبلي اڳيان ڦوارا چوڪ تي احتجاج ڪرڻ بعد وزيراعليٰ هائوس ڏانهن روانا ٿيا ويا، جتي به پوليس استادن کي روڪي ورتو، جڏهن ته لٺبازي ۽ چڪرين کانپوءِ پوليس ڪيترن ئي استاد کي کنڀي وئي آهي. احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ آهي ته هو ڊگهي عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ ڌرڻا به هنيا، پر هيل تائين سندن جائز مطالبو تسليم نه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل استادن ڪراچي ۾ پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪيو ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي. استادن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اقرا يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد گذريل 10 سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، پر هيل تائين کين پڪو نه ڪيو ويو آهي. 8 هزار کان وڌيڪ استاد پڪو نه ٿيڻ ڪري ڳڻتي ۾ وڪوڙيل آهي. وزيراعليٰ هائوس ۽ سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش دوران پوليس جي لٺبازي ۾ ڪجهه استاد زخمي به ٿي پيا، جڏهن ته پوليس اهلڪار ڪيترن ئي استادن کي زوري موبائيل ۾ ويهاري گرفتار ڪري ويا.