ڪراچي (م ڊ) حڪومت طرفان ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن احتجاج دوران بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ بوٽ بيسن تي آبادگارن حڪومت طرفان ڪمند جو مقرر ٿيل اگهه نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي علائقي ۾ مقرر پوليس جي وڏي نفري ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ آبادگارن تي لٺبازي سان گڏ واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي آبادگارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. آبادگارن جي احتجاج دوران پوليس بلاول هائوس اڳيان ٻنهي پاسن کان روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب علائقي ۾ ٽريفڪ جي رواني به متاثر ٿي آهي.