ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ قهر جي گرمي، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي، دادو، لاڙڪاڻي سکر ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي سبب ماڻهو بيحال ٿي ويا آهن، جڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن به سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪراچي شهر ۾ سخت گرميءَ جي لهر جاري آهي ۽ گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب صحت کاتي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي ڪجهه ڏينهن ڪراچي ۾ موسم خشڪ ۽ سخت گرم هجڻ سان گڏوگڏ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جڏهن ته شهر ۾ اڄ سخت گرمي آهي ۽ گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي. شهر ۾ سامونڊي هوائون بند هجڻ سبب ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ گهم 68 سيڪڙو آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهندي. موسميات کاتي جي اختيارين موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي جمعي ڏينهن به گرمي پد 42 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڇنڇر کان شهر جي موسم ٻيهر معمول تي اچڻ جو امڪان آهي. وڌيڪ خبردار ڪيو ويو آهي ته مئي ۽ جون ۾ موسم معمول کان وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهندي، گرمي پد به معمول کان هڪ يا ٻه سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو. اها اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي ته مئي ۽ جون ۾ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ پنجاب ۾ گرمي پد 45 ڊگري کان به وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب دادو ۾ گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه ۾ 43، سکر ۾ گرمي پد 42 ڊگري تائين پهتو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي اسلام آباد سميت ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪَڪر ڇانيل رهندا ۽ ڪجهه هنڌن تي مينهن وسڻ ۽ آنڌاريءَ جا به امڪان آهن. هوڏانهن صحت کاتي سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ عملي جون موڪلون بند ڪيون ويون آهن. صحت کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 3 ۽ 4 مئي تي ايمرجنسي لاڳو رهندي. اسپتالن ۾ گرمي جي متاثر مريضن لاءِ خاص وارڊ قائم ڪرڻ ۽ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *