ڪراچي: ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ سبب فوتين جو انگ 14 ٿي ويو،234 کان مٿي متاثر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ زهريلي گيس جي ليڪيج سبب فوتين جو انگ 14  ٿي ويو آهي. جڏهن ته 234 کان وڌيڪ متاثر آهن جن کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.فلاحي تنظيم ايدهي موجب رات دير سان ڪياماڙي جي اسپتال ۾ 70 کان وڌيڪ مريضن آند اويا جڏهن ته 27 متاثر ماڻهن کي جناح اسپتال ۽ 2 کي ڪتيانه ميمڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايڌي ذريعن موجب ضياءُالدين اسپتال ڪراچي ۾ اڃان به 4 مريضن جو علاج جاري آهي.فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ معمار بي بي، ياسمين، رضوان، عظيم اختر، احسن، رابش 35 ساله زيب النساءَ، 40 ساله عمران ۽ 50 ساله يوسف جي نالن سان ٿي آهي. ضياءُالدين اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. سول، جناح ۽ برهاني اسپتال ۾ به متاثر ماڻهن کي داخل ڪيو ويو هو. ڪياماڙي ۾ پکڙجندڙ پراسرار زهريلي گيس ڪراچي جي ٻين علائقن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن موجب موتمار زهريلي ڪيميڪل سبب آلوده هوا ڪياماڙي مان نڪري کهارا در ۽ رنڇوڙ لائين تائين پهچي وئي آهي. رپورٽن موجب جناح اسپتال ۾ 10 ۽ سول اسپتال ۾ 6 متاثرين منتقل ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ متاثرين جو ٽوٽل انگ 234 تائين پهچي ويو آهي.ميڊيا کي ملندڙ انگن اکرن موجب صرف ضياءُالدين اسپتال آندل متاثرين جو گڏيل انگ 170 کان ٽپي ويو آهي جڏهن ته ڪتيانه ميمڻ اسپتال ۾ 22، جناح اسپتال ۾ 18 ۽ سول اسپتال ۾ اٺ متاثرين کي داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ڪياماڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان گئس جي متاثر لڳ ڀڳ 5 سئو ماڻهن کي اسپتال آندو ويو، جن ۾ ٻار به شامل هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *