ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڏيکارڻ سنڌ جي وحدانيت خلاف وڏي سازش آهي؛شاد کوسو

February 14, 2017 at 8:13 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي ( پ ، ر ) سنڌ نيشنل پارٽي ٿيندڙ آدم شماري ۾ سنڌ ۾ رهندڙ غيرملڪين کي الڳ ڳڻڻ ۽ سنڌ ۾ ٻين صوبن مان آيل ڌارين جي الڳ کڻپ ڪرائڻ جي گهر ڪندي چيو ته ڌاري آبادگاري سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي، ڌاريا ڏينهون ڏينهن سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيندا پيا وڃن،خوشحال سنڌ جا اصل ڌڻي اڄ به ٻن ويلهن جي ماني ڳڀي ۽ ڊسپرين جي گوري لاءِ پريشان آهن،جيڪڏهن سنڌ دوست ڌريون هن وقت به آدم شماري جي معاملي تي ٽڪرن ۾ ورهايل رهيون ته پنهنجي ڌرتي تان حق  حاڪميت کان محروم ٿي وينداسين، اهڙواظهارسنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين ۽ آدم شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر شاد کوسو، مجاهد اعواڻ، الطاف مهر، غلام رسول مارفاڻي، احمد سومرو ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو،هنن وڌيڪ چيو ته 15 مارچ کان ٿيندڙ آدم شماري سنڌ جي وجود ۽ بقا جو معاملو آهي، سنڌ تي سنڌين جي حق حاڪميت جي خاطر سمورن سنڌ واسين کي آدم شماري ۾ پنهنجو ڪردار ادا گهرجي، هنن وڌيڪ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ لکين ڌارين جي موجودگي ۾ ٿيندڙ آدم شماري سنڌين جي خلاف وڏي سازش آهي، هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار آدم شماري کي تڪراري بنائڻ لاءِ روز نوان نوان طريقا متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن جو مثال وفاقي سرڪار پاران جاري ڪيل نقشي ۾ ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪري ڏيکارڻ آهي، ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڏيکارڻ سنڌ جي وحدانيت خلاف وڏي سازش آهي، هنن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف لساني ڌر ته سالن کان وٺي سازش ۾ مصروف هئي، وفاق جي اهڙي هٿڪنڊن مان محسوس ٿي رهيوآهي ته وفاق به ان لساني دهشتگردن سان ٻٽ بڻيل آهي، پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته ٿيندڙ آدم شماري سنڌي جي زندگي ۽ موت جو معاملوآهي پر افسوس جو سنڌ ڪارڊ جي دعويدار پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار آدم شماري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي،هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به ٻولي جي خلاف ناهيون، تنهن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا ته اوهين گهرن ۾ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ آهيو پر آدم شماري واري خاني ۾ سنڌي ٻولي لکرائين..

اي پيپر