ڪراچي کي جديد شهر ڪيئن بڻايون؟ ٻيهر ڊزائين ٺاهڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس آف پاڪستان ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ بدترين حالت تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته سٽي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت، سڀ ناڪام ٿي ويون آهن، هاڻي کي ڪنهن کي عدالت گهرايون؟ سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ ڪراچي جي اصل شڪل ۾ بحاليءَ واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس گلزار احمد ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سٽي گورنمينٽ، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار، سڀ ناڪام ٿي ويون آهن، هاڻي ڪنهن کي عدالت گهرايون؟ ڪراچي ۾ مسئلا تمام گهڻا سنگين ٿي ويا آهن، ڪچي آبادين جي رهائشين لاءِ گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهي کين اُتي منتقل ڪيو وڃي. ) سُپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي جديد گهرجن موجب ڪراچي جي ٻيهر ڊزائين ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اُن لاءِ سول انجنيئرز ۽ ماهرن کان به مدد ورتي وڃي. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته خبر ناهي ڇا هلي رهيو آهي، ڪنهن تي ڀروسو ڪريون؟ سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ ڪراچي جي اصل شڪل ۾ بحاليءَ واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ ٿي، جنهن دوران جسٽس فيصل عرب اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته بحريه ٽائون ۽ ٻين کي زمين الاٽ ڪري رهيا هئا ته راندين جي ميدانن ۽ پارڪس لاءِ زمينون ڇو نه رکيون؟ اهو ئي سور آهي ته توهان کي پاڻ کي خيال نه آهي. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پُڇيو ته سٽي پلان جي ڪا ڪميٽي آهي؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته جي ماهرن جي ڪميٽي ڪم شروع ڪيو آهي، اسان ڪابينا کي سفارشون اُماڻيون آهن، ٿورو وقت لڳندو. عدالت ريمارڪس ۾ حڪم ڏنو ته هاڻي ڪراچي جي ري ڊزائيننگ نه لکندو، بلڪه رڳو تجويزون ڏيندو. عدالت چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته ڪراچي ۾ حددخلين جي مڪمل خاتمي، ڪچي آبادين جي ٻيهر آبادڪاري جي حوالي سان سفارشون ڏيون. ميڊيا ذريعي به لاڳاپيل ماهرن کان سفارسون وٺو. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته نهر خيام تي اڏاوتي سرگرمين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيل آهي، جنهن تي عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪيس فوري طور اُڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته نهر خيام تي اڏاوتي سرگرميون فوري طور شروع ڪيون وڃن، اسان نٿا چاهيون ته اسان جي واتان اهڙو لفظ نڪري، جيڪو ڪنهن لاءِ نقصانڪار هجي. پر مسئلو اُهو آهي ته توهان جو ڪو ادارو ٺيڪ نه آهي، جنهن تي اي جي سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته جي توهان ٺيڪ چئي رهيا آهيو، ڪوبه ادارو ٺيڪ نه آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *